صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نواز شريف سان ڊي جـِي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل ظهير الاسلام الوداعي ملاقات ڪئي

صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نواز شريف سان ڊي جـِي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل ظهير الاسلام الوداعي ملاقات ڪئي آهي، وزيراعظم ۽ صدر ظهير الاسلام جي خدمتن جي ساراهه ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

ايوان صدر ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل ظهير الاسلام صدر ممنون حسين سان الوداعي ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران، صدر ممنون حسين، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي خدمتن جي ساراهه ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

ان کان اڳ انٽر سروس انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل ظهير الاسلام وزيراعظم نواز شريف سان به الوداعي ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران پاڪ فوج جي پيشوراڻي معاملن ۽ ملڪي سلامتي تي ڳالهيون ڪيون ويون، وزيراعظم، ظهير الاسلام جي پيشوراڻي خدمتن ۽ صلاحيتن جي ساراهه ڪئي.

واضح رهي ته ليفٽيننٽ جنرل ظهير الاسلام 7 نومبر تي عهدي تان رٽائر ٿي رهيو آهي، سندس جاءِ تي ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر کي آءِ ايس آءِ سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*