سنڌ هاءِ ڪورٽ، 12 مئي سانحي جي ٽن ڪيسن ۾ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جي ضمانت منظور ڪندي کيس 3-3 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

waseem mqm

سنڌ هاءِ ڪورٽ، 12 مئي سانحي جي ٽن ڪيسن ۾ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جي ضمانت منظور ڪندي کيس 3-3 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جي 12 مئي سانحي جي 3 ڪيسن ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ميئر ڪراچي وسيم اختر جي فائرنگ، ڀڃ ڊاهه ۽ وڳوڙ پکيڙڻ وارن ٽــِــن ڪيسن ۾ 3-3 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

واضح رهي ته وسيم اختر خلاف ايئرپورٽ ٿاڻي سميت شهر جي مختلف ٿاڻن ۾ دهشتگردي، وڳوڙ پکيڙڻ ۽ فائرنگ سميت مختلف نوعيت جا 39 ڪيس داخل ٿيل آهن، جن مان سندس 29 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ٿي چڪي آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*