وزيراعظم نوازشريف سان قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعه ۽ گهرو وزير چوڌري نثار ملاقات ڪئي

Nawaz-Sharif-Nasir-29916

وزيراعظم نوازشريف سان قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعه ۽ گهرو وزير چوڌري نثار ملاقات ڪئي آهي، نوازشريف چيو آهي ته قوم بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ پاڪستان والاريل ڪشمير جي شهرين جي اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم سان چوڌري نثار ۽ ناصر جنجوعا ملاقات ڪري مختلف معاملن بابت بريفنگ ڏني.

ان موقعي تي وزيراعظم نوازشريف چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو.

هن چيو ته ڪشميرين جي ڀارتي ظلمن ۽ جارحيت خلاف جدوجهد تاريخي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*