قومي اسيمبلي جي دفاعي پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪري آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي

Raheel-Sharif-PakArmy-29916

قومي اسيمبلي جي دفاعي پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪري آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي آهي، ڪميٽي چيئرمين خواجه منصور چيو آهي ته امن هجي يا جنگ قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.

قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو، جتي کين ڊي جي مليٽري آپريشنز سرحدي صورتحال بابت بريفنگ ڏني.

اسٽينڊنگ ڪميٽي آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان به ملاقات ڪئي ۽ قومي سلامتي واري صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ان موقعي تي دفاعي پيدوارا بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته امن هجي يا جنگ قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*