ڀارت پاران آزاد ڪشمير ۾ ايل او سي تي فائرنگ وارن واقعن بعد واهگه بارڊر تي ٿيل پرچم لاهڻ واري تقريب ۾ وڏي انگ ۾ پاڪستاني شهرين شرڪت ڪئي

WagahBorder-Pak-29916

ڀارت پاران آزاد ڪشمير ۾ ايل او سي تي فائرنگ وارن واقعن بعد واهگه بارڊر تي ٿيل پرچم لاهڻ واري تقريب ۾ وڏي انگ ۾ پاڪستاني شهرين شرڪت ڪئي آهي، جڏهن ته ڀارت پاران تقريب ملتوي ڪرڻ سبب ڀارت وارو پاسو مڪمل طور تي خالي نظر آيو.

واهگه بارڊر تي قومي پرچم لاهڻ واري تقريب ۾ پنجاب جي ڊي جي رينجرز ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي به شرڪت ڪئي.

قومي پرچم لاهڻ واري تقريب دوران پاڪستانين پاران پاڪستان زنده باد جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا، جڏهن ته ڀارت واري پاسي جو پنڊال مڪمل طور تي خالي نظر آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*