لاهور هاءِ ڪورٽ 8 ورهين جي ٻارڙي جي قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌايل جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ، 8 سالن جي ٻارڙي جي قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌايل جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت قتل ڪيس جي هڪ جوابدار جا ڊيٿ وارنٽ جاري ڪندي 15 جنوري تي ڦاهي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ 8 سالن جي ٻارڙي جي قتل ڪيس  ۾ ملوث جوابدار ضمير احمد جي موت جي سزا خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت، ثبوتن ۽  شاهدن جي بيان ۾ تضاد هئڻ تي جوابدار ضمير احمد کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جوابدار تي 8 سالن جي ٻارڙي کي قتل  ڪرڻ جو الزام هو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت پراسڪيوشن جي شاهدين جي بنياد تي جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي هئي پر ثبوتن جي فرانزيڪ ٽيسٽ ڪرائي وئي، جنهن ۾ تضاد هئڻ تي عدالت جوابدار کي بري ڪيو.

هوڏانهن لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ملتان ۾ هڪ همراهه کي قتل ڪرڻ بعد سرعام فائرنگ ڪندڙ جوابدار جا ڊيٿ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

عدالت، جوابدار ضمير احمد کي 15 جنوري تي سولي تي ٽنگڻ جو به حڪم جاري ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*