سپريم ڪورٽ آصف زرداري خلاف اسٽيل مل ڪرپشن ڪيس بابت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سپريم ڪورٽ، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف اسٽيل مل ڪرپشن ڪيس ۾ بريت خلاف نيب جي درخواست شروعاتي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جسٽس اعجاز چوڌري جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي پاڪستان اسٽيل مل ڪرپشن ڪيس ۾ بريت خلاف نيب جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

نيب موقف اختيار ڪيو ته آصف علي زرداري کي ڪرپشن ڪيس ۾ بري ڪيو ويو آهي، عدالت کي استدعا آهي ته بريت واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

عدالت، نيب جي درخواست شروعاتي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته آصف علي زرداري تي اسٽيل مل جي اڳوڻي چيئرمين کان 4 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم وٺڻ جو الزام هو، جنهن تي کيس بري قرار ڏنو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*