قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ڀارت پاڪستان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري سمجهي ڪنٽرول لائين تي جارحيت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي

khurshid-shah

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ڀارت پاڪستان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري سمجهي ڪنٽرول لائين تي جارحيت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، نريندر مودي کي نه وسارڻ گهرجي ته پاڪستان پنهنجي سالميت لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي سموري دنيا ۾ وائکي ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي کي تشدد ۽ جارحيت وارو رويو تبديل ڪري ڳالهين وارو ڌڳ اختيار ڪرڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي طاقت آهي، قوم ڀارتي جارحيت خلاف متحد آهي، ملڪي سالميت لاءِ هر حد تائين وينداسين……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*