آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪ فوج ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي مڪمل طور تيار آهي

lhr army cheif

آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪ فوج ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي مڪمل طور تيار آهي، ڀارت جي ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف لاهور ۾ ڪمبٽ ري ايڪشن سينٽر جو دورو ڪيو، ان موقعي تي آرمي چيف کي ڪمبٽ ري ايڪشن سنيٽر جي ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.جڏهن ته ڪورڪمانڊر لاهور صادق علي به آرمي چيف سان گڏ هو.

جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته ڪنهن به ايڊوينچر جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊه سان پاڪستان کي بدنام نٿو ڪري سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*