سنڌ يونيورسٽي ۾ استادن جي تنظيم سوٽا طرفان ثفافتي ڏهاڙو ملهايو ويو، تقريب ۾ استادن کانسواءِ رينجرز جي ڊي ايس آر به خصوصي طور شرڪت ڪئي

sindh sakafti

 سنڌ يونيورسٽي ۾ استادن جي تنظيم سوٽا طرفان ثفافتي ڏهاڙو ملهايو ويو، تقريب ۾ استادن کانسواءِ رينجرز جي ڊي ايس آر به خصوصي طور شرڪت ڪئي.

سوٽا اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن جي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ تي ڪابه پابندي نه آهي. تقريب ۾ شرڪت لاءِ سمورا استاد ٽوپيون ۽ اجرڪ پائي پهتا.

تقريب ۾ شريڪ رينجرز جي ڊي ايس آر ملڪ فاروق کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي جو تحفو ڏنو ويو.

عرفانا ملاح ۽ ٻين استاد اڳواڻن تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ٽوپي ثقافتي اهڃاڻ آهي ۽ ان جي پائڻ تي ڪا به پابندي نه آهي.

استادن جو چوڻ هو ته سنڌ جا ماڻهو ٽوپي ۽ اجرڪ سميت پنهنجي ثقافت جي سمورن اهڃاڻن سان بي پناهه پيار ڪن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*