وزيراعظم نواز شريف آڪٽوبر مهيني لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي واري سمري رد ڪري ڇڏي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پيٽروليم جا اگهه برقرار رهندا

petrol remain

وزيراعظم نواز شريف آڪٽوبر مهيني لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي واري سمري رد ڪري ڇڏي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پيٽروليم جا اگهه برقرار رهندا.

وزيراعظم نواز شريف آڪٽوبر مهيني ۾ پيٽروليم اگهن ۾ واڌ واري اوگرا جي سمري رد ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري پيٽروليم شين جا اگهه ساڳيا رهندا.

اوگرا ناڻي واري وزارت کي سمري موڪلي هئي، جنهن ۾ ڊيزل سستو ڪرڻ ۽ پيٽرول جي اگهه ۾ واڌ جي سفارش ڪئي وئي هئي.

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف پاران سمري رد ڪرڻ کانپوءِ پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رهندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*