ڪراچي ۾ 12 مئي 2007ع وارن واقعن بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي ۽ نه ئي افتخار چوڌري کي روڪڻ لاءِ متحده کي ڪو حڪم ڏنو

pervaiz-musharaf-25616

ڪراچي ۾ 12 مئي 2007ع وارن واقعن بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي ۽ نه ئي افتخار چوڌري کي روڪڻ لاءِ متحده کي ڪو حڪم ڏنو، ايم ڪيو ايم هڪ لساني جماعت آهي، جنهن جي قيادت هــُو نٿو ڪري سگهي.

اڳوڻي صدر ريٽائرڊ جنرل پرويز مشرف واشنگٽن ۾ امريڪي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته 12 مئي 2007ع وارن واقعن سان سندس ڪوبه تعلق نه آهي.

پرويز مشرف چيو ته سندس صدارتي دور ۾ ٿيل 12 مئي وارن واقعن سان هــُن جو ڪوبه تعلق نه آهي ۽ نه ئي ايم ڪيو ايم کي ڪو حڪم ڏنو.

اڳوڻي صدر چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ لساني جماعت آهي، جنهن جي قيادت هــُو نٿو ڪري سگهي، مناسب وقت اچڻ تي هــُو ضرور ڏيهه ورندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*