سنڌڙي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڦلهڏيون جي شاگرد والد سان گڏجي استاد خلاف احتجاج ڪيو آهي

teacher tashadud

سنڌڙي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڦلهڏيون جي شاگرد والد سان گڏجي استاد خلاف احتجاج ڪيو آهي، اسڪول انتظاميا جو چوڻ آهي ته استاد پاران شاگرد جي وارثن کان معافي وٺڻ تي معاملو حل ٿي ويو آهي.

ڦلهڏيون گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي شاگرد راول پنهنجي والد دليپ سان گڏجي صحافين آڏو احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي شاگرد راول جو چوڻ هو ته 6 ڏينهن اسڪول نه وڃڻ تي استاد کيس تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

هاءِ اسڪول جي استاد آسو مل رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شاگرد جي اسڪول نه اچڻ تي استاد شاگرد کي ٽي چار ڏنڊيون هنيون هيون، بعد ۾ شاگرد جي والدين کان استاد معافي ورتي ۽ معاملو حل ٿي چڪو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*