ڀارتي فورسز پاران لڳاتار ڪرفيو سبب والاريل ڪشمير ۾ زندگي مفلوج بڻيل آهي ۽ ماٿري ڄڻ ته گهيري هيٺ آيل قعلي جيان لڳي رهي آهي

India-Army-Kashmir-30916

ڀارتي فورسز پاران لڳاتار ڪرفيو سبب والاريل ڪشمير ۾ زندگي مفلوج بڻيل آهي ۽ ماٿري ڄڻ ته گهيري هيٺ آيل قعلي جيان لڳي رهي آهي.

جولاءِ ۾ ڪشميري نوجوان برهان واني جي ڀارتي فورسز هٿان شهادت کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ احتجاج ۽ ڪرفيو جو سلسلو لڳاتار جاري آهي.

اڙي حملي کانپوءِ ڀارت پاران ڪنٽرول لائن تي اڳرائي کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ سڪيورٽي وڌائي وئي آهي، جنهنڪري علائقو قلعي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي.

خميس ڏينهن ڀارت پاران مبينا سرجيڪل آپريشن جي دعويٰ کي پاڪستاني فوج رد ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت پاران اهڙي ڪوشش ڪئي وئي ته ان کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*