ڪنٽرول لائن تي اڳرائي کانپوءِ ڀارت پاران پاڪستان جي سرحد ويجهو 10 ڪلوميٽرن تائين علائقا خالي ڪرائي ماڻهن کي عارضي ڪيمپن ۾ منتقل ڪري ڇڏيو

LOC-INDIA-PAK-30916

ڪنٽرول لائن تي اڳرائي کانپوءِ ڀارت پاران پاڪستان جي سرحد ويجهو 10 ڪلوميٽرن تائين علائقا خالي ڪرائي ماڻهن کي عارضي ڪيمپن ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي جنگي جنون سبب ڪنٽرول لائن جي ويجهو والاريل ڪشمير جي آر ايس پورا ۽ سامبا به ڳوٺاڻا لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، جنهن بعد ڳوٺ ۽ ويڙها ويران آهن، اسڪول، ڪاليج توڙي ڪميونٽي سينٽرن کي عارضي ڪيمپن ۾ تبديل ڪري ڳوٺاڻن کي ترسايو ويو آهي.

ڀارت پاران نه رڳو ايل او سي پر پنجاب جي سرحد جي 10 ڪلوميٽرن اندر ايندڙ علائقا به خالي ڪرايا ويا آهن، جنهن بعد انهن علائقن جا روڊ رستا به ويران آهن.

ڀارت پاران خميس جي رات ايل او سي تي اڳرائي سبب ٻه پاڪستاني فوجي جوان شهيد ٿي ويا هئا، پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ 14 ڀارتي فوجي مارجي ويا پر ڀارتي فوج، حڪومت توڙي ميڊيا اهي حقيقتون منظر عام تي آڻڻ کان لنوائي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*