اسرائيل جي اڳوڻي وزيراعظم شمعون پيريز جي آخري رسمن جي موقعي تي فلسطيني صدر محمود عباس ۽ اسرائيلي وزيراعطم بن يامين نيتن ياهو پاڻ ۾ هٿ ملايو
اسرائيل جي اڳوڻي وزيراعظم شمعون پيريز جي آخري رسمن جي موقعي تي فلسطيني صدر محمود عباس ۽ اسرائيلي وزيراعطم بن يامين نيتن ياهو پاڻ ۾ هٿ ملايو.
شمعون پيريز کي فلسطين سان امن قائم ڪرڻ وارين ڪوششن کي عالمي سطح تي پذيرائي ملي هئي، پيريز ٻه هفتا اڳ فالج جي حملي کانپوءِ 93 سالن جي ڄمار ۾ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو هو.
شمعون پيريز کي 1990ع ۾ فلسطين سان امن معاهدو ڪرڻ تي اسحاق رابن ۽ فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات سان گڏ نوبل انعام سان نوازيو ويو هو.
يروشلم ۾ شمعون پيريز جي آخري رسمن ۾ امريڪي صدر براڪ اوباما، برطانوي شهزادي چارلس، فرينچ صدر فرانسوا اولاند سميت اٽلي جي وزيراعظم رينزي، ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، انکانسواءِ امريڪا جو اڳوڻو صدر بل ڪلنٽن توڙي برطانيه جا اڳوڻا وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون ۽ ٽوني بليئر به آخري رسمن ۾ شريڪ هئا.