سائنسدانن پاران پڇڙ تاري 67 پي تي اماڻيل خلائي جهاز 12 سالن جي مشن کانپوءِ تاري سان ٽڪرائجي تباهه ٿي ويو

Esa-30916

سائنسدانن پاران پڇڙ تاري 67 پي تي اماڻيل خلائي جهاز  12 سالن جي مشن کانپوءِ تاري سان ٽڪرائجي تباهه ٿي ويو آهي، سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جهاز جي تباهي کان حاصل ڪيل ڊيٽا ڪارائتي ثابت ٿيندي.

روزيٽا 10 سال لڳاتار سفر ۽ 6 ارب ڪلوميٽر مفاصلو طئي ڪري 2014ع ۾ پچڙ تاري 67 پي جي مدار ۾ گردش شروع ڪئي هئي، ٻن سالن کانپوءِ پڇڙ تاري جي سج کان مفاصلي سبب شمسي توانائي تي هلندڙ خلائي مشن لاءِ سفر جاري رکڻ ۽ ڊيٽا ڊائونلوڊ ڪرڻ جي صلاحيت گهٽجي وئي هئي.

يورپين اسپيس ايجنسي جي سائنسدان ميٽ ٽيلر جو چوڻ هو ته روزيٽا مشن جي پڇڙ تاري سان ٽڪرائڻ سان مشن جي پڄاڻي ٿي وئي آهي پر اها ڪريش لينڊنگ به ڪارائتي معلومات جو اضافو ڪندي.

روزيٽا 25 مهينن تائين جاري رهندڙ تحقيق دوران پڇڙ تاري جون هڪ لک کان وڌيڪ تصويرون ڪڍيون ۽ انگ اکر گڏ ڪيا، جن سان پڇڙ تارن جي بناوٽ، ڪيميا ۽ روين بابت اهڙي ڄاڻ ملي چڪي آهي، جيڪا ان کان اڳ ڪڏهن سامهون نه آئي هئي.

روزيٽا نومبر 2014ع ۾ پڇڙ تاري تي “فــِيلـــَي ” نالي گاڏي به لاٿي، جيڪو به خلائي تاريخ جو اهو پهريون واقعو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*