امريڪا ڪنٽرول لائين تي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي پاڪستان ۽ ڀارت کي پر امن رهڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي

Mark-Toner-Us-27916

امريڪا ڪنٽرول لائين تي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي پاڪستان ۽ ڀارت کي پر امن رهڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي، امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مارڪ ٽونر چيو آهي ته مبينا سرجيڪل اسٽرائيڪ جي تصديق ناهي ڪرڻي، پاڪ ڀارت ٻڌائين ته ان ۾ سندن ڪهڙو ڪردار آهي.

واشنگٽن ۾ميڊيا سان کي بريفنگ ڏيندي مارڪ ٽونر چيو ته پاڪستاني ۽ ڀارتي فوج ۾ رابطا آهن، ۽ اسان جو خيال آهي ته ٻنهي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه سان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ايندي، رابطن ۾ خلل نٿا چاهيون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ نه هئڻ گهرجي.

هن چيو ته سرحد پار دهشتگردي سان خطي کي پيش ايندڙ خطرن تي ڳڻتي آهي، لشڪر طيبه، حقاني نيٽ ورڪ ۽ جيش محمد جهڙن گروهن خلاف ڪارروائي تي زور ڏيندا رهنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*