سعودي عرب نائن اليون حملي بابت آمريڪي ڪانگريس جي بل جي منظوري تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته ان بل سان آمريڪا سميت مختلف ملڪن تي برا اثر پئجي سگهن ٿا

Suadi-11016

سعودي عرب نائن اليون حملي بابت آمريڪي ڪانگريس جي بل جي منظوري تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته ان بل سان آمريڪا سميت مختلف ملڪن تي برا اثر پئجي سگهن ٿا.

جده ۾ پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب جي حڪومت ڪنهن به طور تي نائن اليون ۾ ملوث ناهي، ان بل جي منظور ٿيڻ کان پوءِ دنيا تي منفي اثر پئجي سگهن ٿا.

واضح رهي ته آمريڪي ڪانگريس کي  نائن اليون تي ٿيندڙ حملي ۾ مارجي ويل ماڻهن کي سعودي حڪومت تي ڪيس داخل ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي.

آمريڪي پارليامينٽ نائين اليون بل تي صدر اوباما جي ويٽو کي ختم ڪري ان جي منظوري ڏني هئي ….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*