ڀارت ڪنٽرول لائين تي فائربندي جي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارتي فوجي ڇِمب سيڪٽر تي 4 ڪلاڪن تائين بنا جواز فائرنگ ڪئي

LOC-Fining-11016

ڀارت ڪنٽرول لائين تي فائربندي جي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارتي فوجي ڇِمب سيڪٽر تي 4 ڪلاڪن تائين بنا جواز فائرنگ ڪئي، پاڪ فوج منهن ٽوڙ جواب ڏئي ڀارتي بندوقن کي خاموش ڪري ڇڏيو.

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪندي ڇمب سيڪٽر تي فائرنگ ڪئي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته، ڀارتي فوج جي فائرنگ جو سلسلو 4 ڪلاڪن تائين جاري رهيو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي جوانن ڀارتي فوج جي فائرنگ جو ڀرپور جواب ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي بندوقون خاموش ٿي ويون.

واضح رهي ته گذريل خميس تي به ڀارتي فوج ڪنٽرول لائين تي فائرنگ ۽ گوليباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا هئا.

ڀارتي فوج ڪافي عرصي کان ڪنٽرول لائين ۽ ورڪنگ بائونڊري تي وقفي وقفي سان فائربندي جي ڀڃڪڙي ڪندي رهي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*