ڪراچي جي علائقي لياري ۾ مبينا مقابلي دوران گينگ وار جا 2 ڏوهاري مارجي ويا، گلستان جوهر، اتحاد ٽائون، غازي ڳوٺ، شاهه فيصل ڪالوني ۽ گذري ۾ ڪاررواين ۾ 31 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو

Karachi-Police-Sohrab-Gouth-4816

ڪراچي جي علائقي  لياري ۾ مبينا مقابلي دوران گينگ وار جا 2 ڏوهاري مارجي ويا، گلستان جوهر،  اتحاد ٽائون، غازي ڳوٺ، شاهه فيصل ڪالوني ۽ گذري  ۾  ڪاررواين ۾ 31 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار لياري گينگ وار جي سربراهه عزيز بلوچ گروپ جي  100  ماڻهن جي قتل سميت لياري ۽ کارادر  ۾ بم حملن ۾ ملوث آهن .

پوليس موجب لياري جي   ڪلاڪوٽ ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي ڇاپو هنيو ويو.

پوليس موجب ڇاپي دوران ڄاڻايل هنڌ تي موجود ڏوهارين پوليس تي حملو ڪري ڏنو، جوابي حملي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا آهن.

 پوليس موجب مقابلي دوران مارجي ويل جوابدارن جو واسطو بابا لاڏلا گروپ سان هو،  جن جي سڃاڻپ حاجي قاري قاسم ۽ صدام بلوچ طور ٿي آهي، جيڪي 100 کان وڌيڪ قتل ڪيسن سميت لياري ۽ کاراڌر ۾ بم حملن ۾ ملوث آهن، جن جي قبضي مان   هٿيار هٿ ڪيا آهن .

پوليس موجب ملير جي غازي ڳوٺ، اتحاد ٽائون ۽ گلستان جوهر ۽ شاهه فيصل ٽائون  ۾ پوليس جو سرچ آپريشن ڪيو آهي .

 پوليس موجب آپريشن دوران چائنا ڪٽنگ ۾ ملوث هڪ جوابدار سميت 31 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*