ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙي عدالت جو جج موڪل تي هجڻ سبب دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس سميت مختلف ڪيسن جون ٻڌڻيون نه ٿي سگهيون

waseem-akhtar-ATC

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙي عدالت جو جج موڪل تي هجڻ سبب دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس سميت مختلف ڪيسن جون ٻڌڻيون نه ٿي سگهيون، ڪراچي جي گرفتار ميئر وسيم اختر چيو آهي ته خبر ناهي ته سندس جيل ۾ هجڻ سان ڪنهن کي فائدو پهچي رهيو آهي،دهشتگردي واري قانون کي غلط استعمال ڪيو پيو وڃي، ڪو ڏوهه ڪيو هو ته ايم اين اي چونڊجڻ وقت ڇو گرفتار نه ڪيو ويو؟

ڪراچي جي گرفتار ميئر وزيم اختر کي دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ اي ٽي سي  آندو ويو.

دهشتگردي جي خاتمي واري علدات جي جج جي موڪل هجڻ سبب دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس سميت  مختلف ڪيسن جون ٻڌڻيون ملتوي ڪيون ويون.

وسيم اختر جي ضمانت واري درخواست ۽ ڪيسن جي ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تي ٿيندي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته سندس خلاف 10-10 سال پراڻا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن هن ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته کيس  ايم اين اي هئڻ وقت ڇو گرفتار نه ڪيو ويو؟.

وسيم اختر چيو ته دهشتگردي جي خاتمي واري قانون جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي، خبر ناهي ته سندس جيل ۾ هجڻ سان ڪنهن کي فائدو ٿي رهيو آهي.

وسيم اختر جو چوڻ هو ته ڪراچي جي ميئر کي پهرين اجلاس ۾ به شرڪت ڪرڻ نه ڏنو ويو.

هن چيو ته ڪراچي جو عوام آرمي چيف ۽ پاڪ فوج سان گڏ آهي، ڀارت ۽ مودي سرڪار جي هرسازش کي ناڪام بڻايو ويندو.

صحافي وزير ختر کان سوال ڪيو ته اوهان جي آءِ ٽي ۾ متحده باني کي غدار قرار ڏنو؟جنهن تي هن جواب ڏنو ته سندس بيان رڪارڊ جو حصو آهي، جيئن ته هاڻي هو ڪراچي جو ميئر آهي ان ڪري ڪو به سياسي بيان نه ڏيندو.

وسيم اختر مطالبو ڪيو ته ڪراچي جي عوام جي مفادن خاطر کيس آزاد ڪيو وڃي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*