گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ميمبر مليحه لوڌي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون سان ملاقات ڪري خطي جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي

Maliha-Lodhi-Un-Cheif-11016

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ميمبر مليحه لوڌي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون سان ملاقات ڪري خطي جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، بان ڪي مون پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ثالثيءَ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ٻئي ملڪ راضي هجن ته هــُو ثالثي لاءِ تيار آهي.

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ميمبر مليحه لوڌي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بان ڪي مون ٻن پاڪستاني فوجين جي شهادت تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.

مليحه لوڌي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ڀارتي جارحيت کان آگاهه ڪندي چيو ته ڀارتي بيان ۽ قدم خطي ۽ عالمي امن لاءِ خطرو آهن.

هن چيو ته ڀارت جي سرجيڪل اسٽرائيڪ جي دعويٰ ڪوڙي آهي، ڀارت پاڪستان خلاف ڪيترائي ڀيرا جارحيت ڪري چڪو آهي، جيڪو والاريل ڪشمير ۾ ظلمن تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي سببن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي، سيڪريٽري جنرل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪري.

بان ڪي مون چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جلد کان جلد ڇڪتاڻ ختم ڪن، جيڪڏهن ٻئي ملڪ چاهين ته هــُو ثالثي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*