اسان جي معاشري ۾ دهشتگرد يا دهشتگردي جي ڪا به جاءِ ناهي وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن، اسان جي معاشري ۾ دهشتگرد يا دهشتگردي جي ڪا به جاءِ ناهي، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي جائزي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيڪٽا ڪوآرڊينيٽر حامد خان، اٽارني جنرل، گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين  اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ وزيراعظم نواز شريف کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پهرين مرحلي ۾ ملڪ جي مختلف شهرن فوجي عدالتن قائم ڪرڻ تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت جوڙيل ذيلي ڪميٽين جي ڪم جو به جائزو ورتو  ويو.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان جي هو پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومت، دهشتگردي جي خاتمي جو عزم ورجايو آهي، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان جي معاشري ۾ دهشتگردي يا دهشتگرد جا ڪا به جاءِ ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*