آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ امريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري ملاقات ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو

آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري ملاقات ڪري دفاعي سهڪار ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون آهن.

آءِ ايس پي آر موجب، آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو، جتي هـُن شهيدن جي يادگار تي گلن رکيا، ان موقعي تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف به موجود هو.

آءِ ايس پي آر موجب، آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري کي پاڪ فوج جي دستن گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو.

گارڊ آف آرنر بعد آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري، آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي آهي.

ملاقات  دوران خطي جي صورتحال، دفاعي سهڪار وڌائڻ، افغان معاملن سميت اهم معاملن تي غور ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*