ڀارتي جارحيت خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون آهن

Pak-Army-Relly-11016

ڀارتي جارحيت خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون آهن، سياسي سماجي، مذهبي ۽ ٻين ڌرين چيو آهي ته پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي، عالمي برادري  ڀارت کي ڪشميرين مٿان ظلم ڪرڻ کان روڪي.

سانگهڙ ۾ مسلم ليگ فنڪشنل طرفان غلام دستگير راڄڙ، خليفي اسماعيل فقير ۽ وقار جٽ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳوڻي ايم اين اي غلام دستگير راڄڙ ۽ ٻين چيو ته حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري جي حڪم تي حر تيار  آهن، ملڪ خاطر ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻايو ويندو، ڀارت کي جارحيت بند ڪرڻ گهرجي.

سکر ۾ ڀارت خلاف ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ اسڪولي ٻارن ريلي ڪڍي.شڪارپور ۾ هندو پئنچائت طرفان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو آهي.

ڪشمور ۾ سياسي سماجي ڌرين طرفان ڀارتي جارحيت خلاف احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ڀارت جارحيت کان پاسو ڪري ڪشميرين تي ظلم بند ڪري.

فيض گنج ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران ڀارت خلاف ريليون ڪڍيون ويون، ان دوران ڀارتي وزيراعظم جو پتلو به ساڙيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*