ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين اجنيڪا رهاني چيو آهي ته پهرين اننگ ۾ ڀارتي بيٽنگ سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي

Ajinkya-Rahane-Indian-Cric-11016

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين اجنيڪا رهاني چيو آهي ته پهرين اننگ ۾ ڀارتي بيٽنگ سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي، پر هو گهڻو پراميد آهي ته ٽيم ٻي اننگ ۾ سٺي پرفامنس جو مظاهرو ڪندي.

ڀارتي شهر ڪلڪته ۾ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽِيسٽ ميچ جاري آهي.

ڀارتي ٽيم گذريل ڏينهن سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، صرف اجنيڪا رهاني ۽ پوجارا بهتر ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو.

پوجارا 87 ۽اجنيڪا رهاني 77رنز جي اننگ کيڏي نمايا بيٽسمين رهيا.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اجنيڪا رهاني چيو ته شروع جا بيٽسمين جلد آئوٽ ٿيڻ بعد سندس مٿان دٻاءِ وڌيو.

هن چيو ته پوجارا ۽هن ڪوشش ڪئي ته ٽيم جو اسڪور وڌائي سگهجي ۽ ان ڪوشش ۾ هو ڪامياب رهيا، پر هاڻي نيوزيلينڊ جي ٽيم کي جلد آئوٽ ڪرڻو پوندو،جنهن بعد ٽيم جي پوزيشن مضبوط ٿيندي.

ان موقعي تي ڪيوي فاسٽ بالر ميٽ هينري چيو ته ڀارتي جي مضبوط بيٽنگ کي آئوٽ ڪرڻ ۾ سڀني بالرز جو ڪردار اهم آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*