ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر انوراڳ ٺاڪر انٽرنيشنل ڪائونسل کي چيو آهي ته مسقبل ۾ ڪنهن به انٽرنيشنل ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت کي هڪ گروپ ۾ نه رکيو وڃي

BCCI-President-Anurag-Thakur--11016

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر انوراڳ ٺاڪر انٽرنيشنل ڪائونسل کي چيو آهي ته مسقبل ۾ ڪنهن به انٽرنيشنل ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت کي هڪ گروپ ۾ نه رکيو وڃي.

انوراڳ ٺاڪر مطابق ٻنهي ملڪن وچ ۾ هن وقت لاڳاپا ٺيڪ نه آهن،جنهن سبب بي سي سي آءِ فيصلو ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي هڪ گروپ ۾ نه رکيو وڃي.

بي سي سي آءِ جي صدر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آءِ سي سي جي ايونٽ ۾ ڀارت کي پاڪستان سان سيمي فائنل ۾ کيڏڻو پيو ته کيڏنداسين ڇاڪاڻ جو ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

واضح رهي ته ايندڙ سال جون ۾ انگلينڊ ۾ رٿيل چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون هڪ گروپ ۾ شامل آهن ۽ پاڪ-ڀارت ميچ 4 جون تي شيڊيول آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*