ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڊي ڪڪِ جي شاندار سنچري سبب آسٽريليا کي هڪ طرفي مقابلي بعد 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي

South-Aus-Cric-Win-11016

ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڊي ڪڪِ جي شاندار سنچري سبب آسٽريليا کي هڪ طرفي مقابلي بعد 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

ڏکڻ آفريڪا جي شهر سينچورين ۾ کيڏي ويل پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ِٽيم جي ڪپتان ڊيو پليسز ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

آسٽريليا جي ٽيم مقرره 50 اوورس ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 294رنز اسڪور ڪيون، جنهن ۾ جارج بيلي 74،هاسٽنگ 51،ڊيوڊ وانر 40۽اسٽيوِ سمٿ 33رنز جي اننگ کيڏي.

ڏکڻ آفريڪي ٽيم پاران فهليڪوايو 4،ڊيل اسٽين 2،جڏهن ته عمران طاهر ۽پارنيل هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ڏکڻ آفريڪي ٽيم آسٽريليا پاران ميچ کٽڻ لاءِ 295رنز جو ٽارگِيٽ 36 ڏهائي 2 اوورس ۾ چار وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ميچ ۾ ڪاميابي ماڻي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڊي ڪڪِ 16چوڪن ۽11 ڇڪن جي مدد سان 178رنز جي اننگ کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار رهيو،جڏهن ته روسو 63۽ڊيو پليسز 26رنز جي اننگ کيڏي.

آسٽريلوي ٽيم پاران بولانڊ 3، جڏهن ته زامپا هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ڊي ڪڪِ کي شاندار سنچري اسڪور ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*