ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز کي هڪ طرفي مقابلي بعد 111رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي

Pak-Cric-11016

ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز کي هڪ طرفي مقابلي بعد 111رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

گڏيل عرب امارات جي شهر شارجه ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم جي ڪپتان جيسن هولڊر ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ميچ جي پهرين بال تي ڪپتان اظهرعلي بغير رنز اسڪور ڪرڻ جي آئوٽ ٿيو ۽ اهو پهرين پاڪستاني ڪپتان آهي،جيڪو ميچ جي پهرين بال تي آئوٽ ٿيو.

فلڊ لائيٽ جي خرابي سبب ميچ کي 49 اوورس تائين محدود ڪيو ويو ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم نوجوان بيٽسمين بابر اعظم جي شاندار 120رنز جي اننگ سبب 49 اوورس ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 284رنز اسڪور ڪيو.

قومي ٽيم پاران شرجيل خان 54، سرفراز احمد 35، عماد وسيم 24۽محمد نواز 19رنز جي اننگ کيڏي.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاران ڪارلوس بريٿويٽ 3، جڏهن ته گيبريئيل، جيسن هولڊر،سليمان بين ۽سنيل نارائن هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاڪستان پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 287رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم 38 ڏهائي 4  اوورس ۾ صرف 175رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي،جنهن ۾ مارلن سموئلز46، چارلس 20، ڪارلوس بريٿويٽ 15رنز اننگ کيڏي نمايا بيٽسمين رهيا.

پاڪستان پاران محمد نواز 4، حسن علي 3، جڏهن ته عماد وسيم، محمد عامر ۽وهاب رياض هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

بابر اعظم کي بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ سڀاڻي شارجه ۾ کيڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*