پاڪ فوج پاران باغ سر واري علائقي ۾ صحافين کي ڪنٽرول لائين جو دورو ڪرايو ويو

DG-ISPR-Asim-11016

پاڪ فوج پاران باغ سر واري علائقي ۾ صحافين کي ڪنٽرول لائين جو دورو ڪرايو ويو، ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽننٽ جنرل عاصم سليم باجوه چيو آهي ته ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو آهي، يقين آهي ته ڀارتي فوج جو به جاني نقصان ٿيو آهي پر اهي ظاهر نه ٿا ڪن.

ڀارتي فوج جي ٻيهر ڇمب سيڪٽر تي فائربندي جي ڀڃڪڙي کانپوءِ پاڪ فوج پاران باغ سر واري علائقي ۾ صحافين کي ڪنٽرول لائين جو دورو ڪرايو ويو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽننٽ جنرل عاصم سليم باجوه چيو آهي ته ڀارتي فوج جي ايل او سي تي اڳرائين جو ڀرپور جواب ڏنو ويو، کيس يقين آهي ته ڀارت جو به جاني نقصان ٿيو هوندو پر خبر ناهي ڇو لڪائي رهيو آهي.

ليفٽننٽ جنرل عاصم سليم باجوه چيو ته جنگ جو ڪوبه فائدو نه آهي پر پاڪ فوج جنگ لاءِ تيار آهي، ڀارت ڪنهن به غلط فهمي ۾ نه رهي، ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

هن چيو ته ملڪ جو دفاع اڳ به ڪيو ۽ هاڻي به ڀرپور نموني ڪيو ويندو، جيڪڏهن ملڪ جي دفاع لاءِ ڪجهه ڪرڻو پيو ته پاڪ فوج پوئتي نه هٽندي.

ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه چيو ته ڀارت جي سرجيڪل اسٽرائيڪ واري دعويٰ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، باقي ڀارتي فوجي پاران سرحد پار ڪرڻ واري معاملي کي ڏٺو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*