خانپور ويجهو پوليس ڀتو نه ڏيڻ تان آئل ٽينڪر ڊرائيور کي تشدد جو نشانو بڻائي ڊرائيور ۽ ڪلينر کي کنڀي وئي آهي.جڏهن ته آئل ٽينڪرز ڊرائيورن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو

khanpur-11616

خانپور ويجهو پوليس ڀتو نه ڏيڻ تان آئل ٽينڪر ڊرائيور کي تشدد جو نشانو بڻائي ڊرائيور ۽ ڪلينر کي کنڀي وئي آهي.جڏهن ته آئل ٽينڪرز ڊرائيورن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي،ايس ايس پي نوٽيس وٺندي اي ايس آءِ ياسين لهر کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

خانپور ويجهو پوليس اهلڪارن آئل ٽينڪر کي روڪي ڀتو گهريو، ڀتو نه ڏيڻ تي اهلڪارن ڊرائيور عبدالغفور منگي کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ڪلينر سميت کنڀي وئي.

پوليس جي اهڙي عمل خلاف آئل ٽئنڪرز ڊرائيورن ڪنڌڪوٽ شڪارپور انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي  روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري  ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

آئل ٽينڪر ڊرائيورن الزام هنيو آهي ته  شڪارپور ضلعي جي اڪثر هنڌن تي پوليس جون  پڪٽس قائم آهن، جتي ٽرانسپورٽرز کان في گاڏي 50 رپيا وصول ڪيا پيا وڃن.

ايس ايس پي شڪارپو عمر طفيل واقعي جو نوٽيس وٺندي اي ايس آءِ ياسين لهر کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس آفيسرن ڊرائيورن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرائي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*