پيپلز پارٽي ڪالاباغ ڊيم کي توانائي منصوبن ۾ شامل ڪرڻ خلاف سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو

Sassu-Palijo-PPP-11016

پيپلز پارٽي ڪالاباغ ڊيم کي توانائي منصوبن ۾ شامل ڪرڻ خلاف سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو، سسئي پليجو پنهنجي نوٽيس ۾ چيو آهي ته ٽن صوبن پاران رد ڪيل ڪالاباغ ڊيم کي توانائي منصوبن ۾ شامل ڪرڻ افسوسناڪ آهي، جنهن تي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کان وضاحت طلب ڪئي وڃي.

پيپلز پارٽي جي سينيٽر سسئي پليجو ڪالاباغ ڊيم کي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت پاران توانائي منصوبن ۾ شامل ڪرڻ خلاف سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته پاڻي ۽ بجليءَ واري وفاقي وزارت تڪراري ڪالاباغ ڊيم کي هڪ ڀيرو ٻيهر توانائي منصوبن ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو افسوسناڪ عمل آهي.

سسئي پليجو جو چوڻ آهي ته ڪالاباغ ڊيم کي 3 صوبا رد ڪري چڪا آهن، جنهن تي سنڌ جو موقف واضح آهي، ڪنهن به صورت ۾ اڏاوت ٿيڻ نه ڏني ويندي.

سسئي پليجو ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو آهي ته تڪراري ڪالاباغ ڊيم کي بجلي منصوبن ۾ شامل ڪرڻ تي پاڻي ۽ بجليءَ واري وزارت کان وضاحت طلب ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*