لاڙڪاڻي مان گذريل ڏينهن لاوارث حالت ۾ هٿ آيل ٻارڙي جي ڪي ٽي اين نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد وارث ملي ويا

لاڙڪاڻي مان گذريل ڏينهن لاوارث حالت ۾ هٿ آيل ٻارڙي جي ڪي ٽي اين نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد وارث ملي ويا آهن.

شهر جي ست نمبر ناڪي واري علائقي ۾ گذريل ڏينهن شهري غلام علي عباسي کي 2 ورهين جي  ٻارڙي لاوارث حالت ۾ هٿ آئي هئي.

ٻارڙي جي لاوارث حالت ۾ هٿ اچڻ واري خبر ڪي ٽي اين نيوز تي نشر ٿيڻ بعد ٻارڙي جا وارث ملي ويا، جنهن بعد ٻارڙي جي ياسمين ڏاهاڻي طور سڃاڻپ ڪئي وئي.

ٻارڙي جي وارثن جو چوڻ آهي ته هو نّظر محلي جا رهواسي آهن، جيڪي گذريل ڏينهن 7 نمبر ناڪي واري علائقي ۾ شادي جي تقريب ۾شرڪت ڪرڻ لاءِ آيا هئا جنهن دروان سندن ٻارڙي گم ٿي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*