نوشهروفيروز ويجهو جوابدار فائرنگ ڪري پنهنجي سهري کي قتل ۽ سالَي کي زخمي ڪري ڇڏيو

noshorofaroz-map

نوشهروفيروز ويجهو جوابدار فائرنگ ڪري پنهنجي سهري کي قتل ۽ سالَي کي زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جوابدار جي ساهرن سندس زال کي پنهنجي گهر روڪي ڇڏيو هو، جنهن تان هُن مٿن حملو ڪيو.

پوليس موجب ڳوٺ راول سولنگي ۾ جوابدار جهانگير سولنگي ساهرن جي گهر ٻاهران تاڙ ۾ بيٺو هو، سندس سهرو محمد عرس گهر مان جيئن ئي ٻاهر نڪتو ته جوابدار مٿس فائرنگ ڪري ڏني.

پوليس جو چوڻ آهي ته ناٺي جي فائرنگ ۾ محمد عرس ٿڏي تي مارجي وئي، جڏهن ته گوليون لڳڻ ڪري سندس پٽ محراب زخمي ٿي پيو.

زخمي محراب کي سول اسپتال نوشهروفيروز آندو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس موجب جوابدار جي ساهرن سندس زال کي پنهنجي گهر روڪي ڇڏيو هو، جنهن تان هُن مٿن حملو ڪيو ۽ بعد ۾ فرار ٿي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*