ايم ڪيو ايم لنڊن جي قيادت فاروق ستار کي غدار قرار ڏئي پارٽي مان نيڪالي ڏئي ڇڏي

farooq_sattar_file_670

ايم ڪيو ايم لنڊن جي قيادت فاروق ستار کي غدار قرار ڏئي پارٽي مان نيڪالي ڏئي ڇڏي، لنڊن مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فاروق ستار پارٽي سان بار بار غداري ڪئي، جنهن تان کيس پارٽي مان نيڪالي ڏئي سندس بنيادي ميمبرشپ ختم ڪئي وئي آهي، ايم ڪيو ايم جي استعيفيٰ نه ڏيندڙ چونڊيل نمائندن جو سوشل بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

ايم ڪيو ايم لنڊن فاروق ستار کي پارٽي مان نيڪالي ڏيڻ ۽ سندس پارٽي جي بنيادي ميمبرشپ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

لنڊن مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فاروق ستار پارٽي سان بار بار غداري ڪئي، جنهن تان کيس پارٽي مان نيڪالي ڏئي سندس بنيادي ميمبرشپ ختم ڪئي وئي آهي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پارٽي جو ڪنوينر رڳو نديم نصرت ئي آهي، فاروق ستار تنظيمي فيصلا عوام مٿان نٿو مڙهي سگهي.

ايم ڪيو ايم لنڊن بيان ۾چيو آهي ته ڪارڪنن جي قربانين جو قدر نه ڪندڙ ۽ ڪنوينر جي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي استعيفيٰ نه ڏيندڙ چونڊيل نمائندن جو سوشل بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*