لاهور ۾ گورنر هائوس ڀرسان روڊ حادثي جا وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏنو، جنهن بعد فوتين جو انگ 4 ٿي ويو

lahore hadso

لاهور ۾ گورنر هائوس ڀرسان روڊ حادثي جا وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏنو، جنهن بعد فوتين جو انگ 4 ٿي ويو.

پوليس موجب گورنر هائوس ڀرسان تيز رفتار ڪار موٽرسائيڪل کي بچائيندي ٿنڀي سان ٽڪرائجي وئي.

خوفناڪ حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا هئا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو ويو.

زخمين مان وڌيڪ ٻن ڄڻن دم ڏنو، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو، جڏهن ته ٻن زخمين جو علاج جاري آهي، جن جي حالت به نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*