ميرپور خاص ۾ ڳجهارت بڻيل سوئيٽ هوم جي باهه واري واقعي جو معاملو سلجهائڻ لاءِ ڪمشنر اڄ لاڳاپيل ڌرين کي طلب ڪري ورتو آهي

Mirpur-Khas-map

ميرپور خاص ۾ ڳجهارت بڻيل  سوئيٽ هوم جي باهه واري واقعي جو معاملو سلجهائڻ لاءِ ڪمشنر اڄ لاڳاپيل ڌرين کي طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته فوت ٿيل 5 ٻارن جو ميرپورخاص، ٽنڊي الهيار، سانگهڙ ۽ جهنڊي مري ۾ ٽيجهو ٿي رهيو آهي.

ميرپور خاص جي سوئيٽ هوم ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿيل 5 يتيم ٻارن جو ٽيجهو اڄ ٿي رهيو آهي، ميرپورخاص ۾ عبدالناصر لغاري ۽ جاويد پنهور، ٽنڊي الهيار ۾ عبدالصمند، جهنڊي مري ۾ وحيد خاصخيلي ۽ سانگهڙ ۾ تجمل پٺاڻ جو ٽيجهو ٿي رهيو آهي.

سيٽلائيٽ ٽائون ۾ سوئيٽ هوم کي لڳل باهه جو واقعو اڃاتائين ڳجهارت بڻيل آهي، بيت المال عملدارن سول سوسائٽي ۽ صحافين جي سوئيٽ هوم ۾ داخلا تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.

سوئيٽ هوم کي باهه لڳڻ واري واقعي جي اڃا تائين ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي آهي.جڏهن ته ميرپور خاص جي ڪمشنر شفيق احمد مهيسر سوئيٽ هوم واقعي جي جاچ جي اڳڀرائي بابت پوليس ۽ لاڳاپيل عملدارن جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*