حيدرآباد مان 2 مهينا اڳ اغوا ڪيل ڊي آءِ جي بشير ميمڻ جو سئوٽ آصف ميمڻ بازياب ٿي گهر پهچي ويو

حيدرآباد مان 2 مهينا اڳ  اغوا ڪيل ڊي آءِ جي بشير ميمڻ جو سئوٽ آصف ميمڻ بازياب ٿي گهر پهچي ويو، وارثن موجب ڌاڙيلن پوليس جي دٻاءُ سبب نوجوان کي آزاد ڪيو آهي.

حيدرآباد جي اسرا يونيورسٽي سامهون اغوا ڪيل ڊي آءِ جي بشير ميمڻ جي سئوٽ آصف ميمڻ کي اڻڄاتل ڌاڙيل سکر ويجهو سانگهڙ- نوابشاهه لنڪ روڊ تي ڇڏي ويا، جتان هن وارثن سان رابطو ڪري پنهنجي بازيابي بابت ٻڌايو.

وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس پاران مختلف ضلعن ۾ ڪارروائين ۽ آپريشن بعد ڌاڙيلن دٻاءُ ۾ اچي نوجوان کي آزاد ڪيو آهي.

واضح رهي ته نوجوان جي اغوا ٿيڻ بعد پوليس مختلف ضلعن ۾ ڪارروايون ڪري ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*