کڏڙي ڀرسان پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو، نتيجي ۾ هڪ عورت بيهوش ٿي وئي

khadro

کڏڙي ڀرسان پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو، نتيجي ۾ هڪ عورت بيهوش ٿي وئي، جڏهن ته پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري وئي آهي، جنهن خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو آهي.

کڏڙي ڀرسان  ديهه 16 جمڙائو جي ڳوٺ محمد خان مهر تي سانگهڙ ضلعي جي 8 پوليس موبائيلن ۾ سوار اهلڪارن چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت رضيا بيهوش ٿي وئي.

پوليس ڳوٺ مان الهه بخش مهر ۽ لال دين مهر کي گرفتار ڪري کڻي وئي، جنهن خلاف ڳوٺاڻن مشتاق احمد مهر جي ڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پوليس بنا جواز ڳوٺ تي چڙهائي ڪري تشدد ڪيو ۽ ٻن ڄڻن کي کنڀي وئي آهي.

ڳوٺاڻن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته گرفتار ڪيل ڳوٺاڻا آزاد ڪري پوليس خلاف  ڪارروائي ڪئي وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*