خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان ڪڪڙ شاخ کي ٻن هنڌن تان لڳل ٻه گهارا بند نه ڪيا ويا آهن، گهارن سبب سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي

khairpur-map10-8

خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان ڪڪڙ شاخ کي ٻن هنڌن تان لڳل  ٻه گهارا بند نه ڪيا ويا آهن، گهارن سبب سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي.

ڪڪڙ شاخ کي ٻلي ٻير وٽان ڪالهه 40 فوٽ ۽ 10 فوٽ جا ٻه گهارا پئجي ويا، ڳوٺاڻن پاران اطلاع ڪرڻ باوجود آبپاشي عملي اڃاتائين گهارن کي بند ڪرڻ لاءِ ڪوششون نه ورتيون آهن.

ڪڪڙ شاخ کي لڳل گهاري سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو ۽ ڪمند جو فصل ٻڏي ويو آهي، جنهن ڪري آبادگارن کي وڏو معاشي نقصان پهتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*