ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران ريسرچ ڪميٽي ۾ شامل ڪيل مومن خان متحده پاڪستان کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو آهي ته سندس جيئڻ ۽ مرڻ متحده باني سان آهي

khi momin khan mqm

ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران ريسرچ ڪميٽي ۾ شامل ڪيل مومن خان متحده پاڪستان کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو آهي ته سندس جيئڻ ۽ مرڻ متحده باني سان آهي، پارٽي جي حڪم تي استعيفائون ڏيندڙن ۽ مهاجرن سان غداري ڪندڙن جوحشر خراب ٿيندو، خواجه اظهار چيو آهي ته مومن خان جو نالو غلطي سان ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو.

گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ريسرچ ڪميٽي ۾ شامل ڪيل مومن خان ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ فاروق ستار کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

مومن خان چيو آهي ته سندن جيئڻ ۽ مرڻ ايم ڪيو ايم جي باني سان آهي ۽ هو قائد جي حڪم کانسواءِ ڪنهن کي به نه ٿا مڃين.

مومن خان جو چوڻ هو ته مهاجرن سان غداري ۽ قائد جي نافرماني ڪندڙن جو حشر خراب ٿيندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*