ڀارت ڪنٽرول لائين تي ڀڃڪڙين کان ناهي مڙهيو، آزاد ڪشمير جي بٽل سيڪٽر تي بناجواز فائرنگ ۽ گوليباري ڪئي وئي

l o c line

ڀارت ڪنٽرول لائين تي ڀڃڪڙين کان ناهي مڙهيو، آزاد ڪشمير جي بٽل سيڪٽر تي بناجواز فائرنگ ۽ گوليباري ڪئي وئي، پاڪ فوج ڀرپور جوابي ڪارروائي کانپوءِ دشمن جو بندوقون خاموش ڪرائي ڇڏيون.

پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل عاصلم سليم باوجوه موجب، ڀارتي فوج آزاد ڪشمير جي بٽل سيڪٽر جي افتخار آباد واري علائقي ۾ بناجواز فائرنگ ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب، ڪنٽرول لائين تي فائرنگ جو سلسلو رات 12 وڳي شروع ٿيو، جيڪو صبح چار وڳي تائين جاري رهيو، جڏهن ته ڀارتي فوج پاران پاڪستان جي آبادي وارن علائقن کي نشانو بڻايو ويو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪري دشمن جون بندوقون خاموش ڪرائي ڇڏيون.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪنٽرول لائين تي ڇڪتاڻ سبب 2 پاڪ فوج جا اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*