افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل جي بازار ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل جي بازار ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن.

ڪابل جي هڪ مارڪيٽ ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، مارجي ويل ٻئي ڄڻا پورهيت ٻڌايا پيا وڃن.

واقعي جي اکين ڏٺي شاهد جو چوڻ هو ته هو موٽرسائيڪل جو پنڪچر ٺاهي رهيو هو ته ڪجهه فاصلي تي ڌماڪو ٿيو، جنهن بعد دونهين جا ڪڪر ڇانئجي ويا.

ڪنهن به ڌر واقعي جي ذميواري ناهي قبولي، ڪابل ۾ گذريل ڪجهه مهينن کان بم ڌماڪن جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي، جنهن جي ذميواري اڪثر طالبان قبوليندا رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*