وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ نيشنل ايڪشن تي مڪمل طور عملدرآمد ٿي رهيو آهي

khi cm

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ نيشنل ايڪشن تي مڪمل طور عملدرآمد ٿي رهيو آهي، ٽارگيٽيڊ آپريشن سان دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، صوبي ۾ اغوا ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو خاتمو ٿي ويو آهي.

سي ايم هائوس ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ مولابخش چانڊيو، قانوني بابت صلاحڪار وهاب رياض ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل طور عملدرآمد ٿي رهيو آهي.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن ذريعي دهشتگرن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، جڏهن ته صوبي ۾ اغوا ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو خاتمو آندو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*