ايم ڪيو ايم قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي

farooqSattar-mqm-06-8

ايم ڪيو ايم قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار، شيخ صلاح الدين ۽ ٻين ميمبرز قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو، جنهن تي ايم ڪيو ايم جي پارلياماني ميمبرز جون صحيحون ٿيل آهن.

ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگرد ۽ انتهاپسند پاڪستان جي سالميت لاءِ خطرو بڻجي چڪا آهن، پر وفاقي سرڪار ايڪشن پلان جي اهم نقطن تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي.

ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته حڪومت انتهاپسندي جي خاتمي واري ذميواري ۽ واعدا پاڙڻ بدران رڳو کوکليون ڳالهيون ڪري رهي آهي، جنهن تي سخت ڳڻتي آهي.

ايم ڪيو ايم ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جي سمورن نقطن تي عملدرآمد لاءِ حڪومت فوري طور آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي، سياسي پارٽين جي تجويزن تي عمل ڪري………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*