لاهور هاءِ ڪورٽ، پنجاب جي صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله جي نااهلي بابت درخواست اڪلائيندي درخواستگذار کي لاڳاپيل فورم سان رابطي جي هدايت ڪري ڇڏي

rana sana

لاهور هاءِ ڪورٽ، پنجاب جي صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله جي نااهلي بابت درخواست اڪلائيندي درخواستگذار کي لاڳاپيل فورم سان رابطي جي هدايت ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله جي نااهلي بابت پاڪستان عوامي تحريڪ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عوامي تحريڪ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته راڻا ثناءُ الله آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نٿو لهي، کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

عدالت درخواست اڪلائيندي معاملو اليڪشن ڪميشن حوالي ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس رماڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن درخواستگذار جو موقف ٻڌائي فيصلو ٻڌائي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*