وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽين جي سربراهن جو اجلاس جاري آهي

isb parliments ijlas

وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽين جي سربراهن جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ ڪنٽرول لائين تي ڀارتي اڳرائين ۽ والاريل ڪشمير صورتحال تي ويچاريو پيو وڃي، وزير اعظم چيو آهي ته ملڪي دفاع ۽ سالميت تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

پي ايم سيڪريٽريٽ ۾ وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ڪنٽرول لائين تي ڀارتي اڳرائين ۽ والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي وارن معاملن تي ويچارڻ لاءِ اجلاس جاري آهي.

اجلاس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، اعتزاز احسن، قمر الزمان ڪائره ۽ حنا رباني کر شريڪ آهن.

عمران خان پاران شرڪت کان انڪار ڪرڻ تي تحريڪ انصاف جي نمائندگي شاهه محمود قريشي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته شيرين مزاري به  شريڪ آهي.

وزير اعظم جي صدارت هيٺ جاري اجلاس ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، متحده جي فاروق ستار سميت ٻين پارلياماني پارٽين جي سربراهن توڙي اڳواڻ شرڪت ڪئي آهي، جڏهن ته شيخ رشيد کي دعوت ناهي ڏني وئي.

وزير اعظم نواز شريف سيڪريٽريٽ پهچڻ تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فاروق ستار، مولا فضل الرحمان سميت سمورن پارلياماني پارٽين جي سربراهن جي آجيان ڪئي.

پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، بندوق جي زور تي ڪشميرين کي آزادي واري مطالبي تان هٿ نٿو کڻائي سگهجي.

اعزاز چوڌري چيو ته ڀارتي فوج هٿان برهان واني جي شهادت کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي، جڏهن ته اڍائي مهينن کان ڪرفيو لاڳو هئڻ سبب عام زندگي مفلوج بڻيل آهي.

هن چيو ته ڀارت مسلسل ڪنٽرول لائين تي اڳرائيون ڪري رهيو آهي، پاڪستان به دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي رهيو آهي.

وزير اعظم نواز شريف ملڪي سلامتي ۽ دفاع تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، اجلاس گهرائڻ جو مقصد سياسي پارٽين ۾ اتفاق پيدا ڪرڻ آهي.

هن چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، ڀارت جي رياستي دهشتگردي خلاف هر فورم تي ڀرپور آواز اٿاريو پيو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*