نيب ڪرپشن ۽ غيرقانوني اثاثا ٺاهڻ ۽ غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ واري ڪيس ۾ مفرور ڄاڻايل مڪاني ادارن جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ کي اسلام آباد مان گرفتار ڪري ورتو

Nab-21916

نيب ڪرپشن ۽ غيرقانوني اثاثا ٺاهڻ  ۽ غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ واري ڪيس ۾ مفرور ڄاڻايل مڪاني ادارن جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ کي اسلام آباد مان گرفتار ڪري ورتو، علي احمد لنڊ خلاف احتساب عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي.

سپريم ڪورٽ مڪاني ادارن جي اڳوڻي سيڪريٽري احمد لنڊ جي عبوري ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد نيب علي احمد لنڊ کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو.

علي احمد لنڊ خلاف غير قانوني طور33 ڪروڙ رپين جا اثاثا ٺاهڻ، 12 هزار کان وڌيڪ غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ  ۽ڪرپشن جا ڪيس احتساب عدالت ۾ هلندڙ آهن.

علي احمد لنڊ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان عبوري ضمانت حاصل ڪئي ۽ ضمانت جو مدو پورو ٿيڻ بعد کي ڪرپشن جي الزامن هيٺ 2013 ۾ عهدي تان هٽايو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*