ٽنڊي ڄام ۾ او جي ڊي سي ايل ۾ روزگار نه ملڻ خلاف پيپلز لوڪل ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي علائقي واسين ڪنر آئل فيلڊ اڳيان ڌرڻو هڻي آئل فيلڊ ڏانهن ويندڙ رستا بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن

t adam pro

ٽنڊي ڄام ۾ او جي ڊي سي ايل ۾ روزگار نه ملڻ خلاف پيپلز لوڪل ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي علائقي واسين ڪنر آئل فيلڊ اڳيان ڌرڻو هڻي آئل فيلڊ ڏانهن  ويندڙ رستا بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن.

  اوجي ڊي سي ايل ۾ روزگار نه ڏيڻ ۽ علائقي ۾ ترقياتي رٿائون نه ڏيڻ خلاف پيپلز لوڪل ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ٽنڊوڄام لڳ ڪنر آئل فيلڊ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.

علائقي واسين  آئل  فيلڊ ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بلاڪ ڪري نعري بازي ڪئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي پ پ  اڳواڻ شير محمد ٽالپر ۽ اسلم مگسي چيو ته او جي ڊي سي ايل انتظاميا مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏئي زيادتيون ڪري رهي آهي.

هنن چيو ته او جي ڊي سي ايل قانون تحت علائقي ۾ ترقياتي ڪم به نه ڪرايا آهن ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار جي حق کان به محروم رکيو آهي.

هنن او جي ڊي سي ايل انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته مقامي ماڻهن کي روزگار ڏئي علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*